وزيراعظم کي مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ کنيل گهربل قدمن کان بريفنگ ڏني  وئي

وزيراعظم کي مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ کنيل گهربل قدمن کان بريفنگ ڏني  وئي، وزيراعظم عمران خان  پاڪستاني شهرين کي هنڊي بدران بئنڪ ذريعي رقم اماڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل ادارا مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ ڪردار نڀائن.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ايف بي آر جي چيئرمين، گهرو کاتي، ناڻي، واپار ۽ ٻين کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي مني لاڊرنگ روڪڻ لاءِ گهربل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف جي شرطن ۽ هنڊي جي خاتمي تي به بريفنگ ڏني وئي.

وزيراعظم عمران خان  پاڪستاني شهرين کي هنڊي بدران بئنڪ ذريعي رقم اماڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته لاڳاپيل ادارا مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ ڪردار نڀائن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*