سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني آمريڪي پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد تي وزيراعظم عمران خان کي ساڻس ملاقات نه ڪرڻ جي صلاح ڏيندي

سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني آمريڪي پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد تي وزيراعظم عمران خان کي ساڻس ملاقات نه ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان وزيراعظم جي ملاقات پروٽوڪول جي خلاف آهي تنهن ڪري آمريڪي پرڏيهي وزير جي پنهنجي هم منصب سان ملاقات ٿيڻ گهرجي.

  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته وزيراعظم کي آمريڪي پرڏيهي وزير جي آمد تي ساڻس ملاقات نه ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان وزيراعظم جي ملاقات پروٽوڪول جي خلاف آهي، تنهن ڪري آمريڪي پرڏيهي وزير جي پنهنجي هم منصب سان ملاقات ٿيڻ گهرجي.

 اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جي ڳالهين جو ٽرانسڪرپٽ پبلڪ ڪيو ويو، ٽرانسڪرپٽ کي پبلڪ ڪرڻ دٻاءَ وجهڻ جو نئون قدم آهي.

رضا رباني چيو ته آمريڪا ٻيو ڀيرو پاڪستان جا فنڊ روڪي ڇڏيا آهن، آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خرچن جي رقم ادا نه ڪري رهيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*