ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ بعد گرفتار ڪيل ٽنهي جوابدارن جي 10، 10 هزارن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي

ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ بعد گرفتار ڪيل ٽنهي جوابدارن جي 10، 10 هزارن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت ٽنهي ڄڻن جا رليز آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت ۾ ضمانت وارين درخواست تي ٻڌڻي دوران ٽنهي جوابدارن شڪر دين، محمد ڄام ۽ مشتاق جي ضمانت منظور ڪئي وئي.

  عدالت جوابدار شڪر دين، محمد ڄام ۽ مشتاق جا رليز آرڊر به جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت جيل اختيارين کي حڪم ڪيو ته جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻي ڪيس ۾ ملوث ناهن پوءِ کين آزاد ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*