لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد ملڪ عهدي جو حلف کڻي ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس منظور احمد ملڪ عهدي جو حلف کڻي ورتو، وقتي گورنر راڻا محمد اقبال کيس عهدي جو حلف کڻايو.

گورنر هائوس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس، جسٽس منظور ملڪ جي حلف برداري واري تقريب ٿي، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي پنجاب جي وقتي گورنر راڻا محمد اقبال، جسٽس منظور ملڪ کي لاهور هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻايو.

لاهور هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس خواجه محمد امتياز جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد جسٽس منظور احمد ملڪ جي مقرري ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*