تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي  چيو آهي ته اسان ڪنهن به غلط فهمي جا شڪار ناهيون

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي  چيو آهي ته اسان ڪنهن به غلط فهمي جا شڪار ناهيون، اڳتي وڌڻ جو ارادو آهي،  اميد آهي ته قوم جي اميدن تي پورو لهنداسين، ڏکيائن کان انڪار نه ٿا ڪري سگهون، اپوزيشن اتحاد غير فطري ثابت ٿيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي  چيو ته اسان ڪنهن به غلط فهمي جا شڪار ناهيون، اڳتي وڌڻ جو ارادو آهي.

هن چيو ته،  اميد آهي ته قوم جي اميدن تي پورو لهنداسين، ڏکيائن کان انڪار نه ٿا ڪري سگهون.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته اپوزيشن اتحاد غير فطري ثابت ٿيو آهي، تحريڪ انصاف کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ اهي گڏ ٿيا هئا.

شاهه محمود قريشي چيو ته چيو ته، عمران خان جي سنجيدگي ۽ محنت ظاهر ٿي آهي، ڪيترن ئي ڏينهن ۾ ڪيترن ئي ڪابينا جي اجلاسن کي ٿيندي ۽ ٽاسڪ فورس جڙندي ڏٺو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*