تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار عارف علوي چيو آهي ته ڪاميابي بعد مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس

تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار عارف علوي چيو آهي ته ڪاميابي بعد مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، سڄي ملڪ جو صدر هوندس،  آئين جي دائري ۾ رهندي ڪم ڪنداسين، سڀني جو صدر رهندس پارٽي جو نه، خاموش صدر نه رهندس.

هڪ خانگي ٽي چينل سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته پاڪستان جي خدمت لاءِ عمران خان کيس نامزد ڪيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان جنهن سطح تي پهچي چڪو آهي، ان کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندس.

پي ٽي آءِ جي صدارتي اميداور چيو ته آئين جي دائري ۾ رهندي ڪم ڪنداسين، رڳو پارٽي جو نه پر سڀني جو صدر ٿيندس.

عارف علوي چيو ته خاموش صدر نه ٿيندس، صدر چونڊجڻ بعد پارٽي جي عهده کان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس.

 ان موقعي تي صحافي کانئس سوال ڪيو ته اوهان صدر چونڊجڻ بعد پهريون ڪم ڪهڙو ڪندا؟، جنهن تي عارف علوي چيو ته منهنجي گهر جو ڊرينيج نظام درست نه آهي، بيڊروم ۾ به پاڻي بيٺل آهي، پهريون ڪم پنهنجي گهر جي ڊرينيج کي ٺيڪ ڪرائڻ جو ڪندس.

صدارتي اميداور عارف علوي چيو ته  صدر بڻجي ايوان صدر ۾ وڃي ملڪ جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*