چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي جي  هڪ اسپتال ۾ ويو هئس

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي جي  هڪ اسپتال ۾ ويو هئس، جنهن جو ڪمرو صدارتي روم جهڙو هو، چيو ويو ته مان اختيارن کي اورانگهيو، آئون شراب وِغيره جي ڳالهه نه ٿو ڪريان، جيڪڏهن شرجيل کي گرفتار ڪرڻوهجي ها ته انهي وقت گرفتار ڪرايان ها.

سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري اسپتلان جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران شرجيل ۽ شراب جو ذڪر ٿيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئون سب جيل ويو هئس، جيڪو صدارتي محل لڳي رهيو هو.

هن چيو ته،  آئون شراب وِغيره جي ڳالهه نه ٿو ڪريان، جيڪڏهن شرجيل کي گرفتار ڪرڻوهجي ها ته انهيءَ وقت گرفتار ڪرايان ها.

چيف جسٽس چيو  ته چاهيان ته  ان وقت ئي شراب جا نمونا ٽيسٽ ڪرايان ها.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته شراب جا نمونا ڪهڙي ليبارٽري ۾ ويا ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪئين ٿيو، مون کي خبر ناهي، نه ئي انهي سان منهنجو ڪجھه وڃي.

چيف جسٽس چيو ته، مان سب جيل ويو هئس، هاڻ وڏو گوڙ آهي ته چيف جسٽس ڇا ڪري ڇڏيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*