حقاني نيٽ ورڪ جو سربراهه جلال الدين حقاني گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد فوت ٿي ويو آهي

حقاني نيٽ ورڪ جو سربراهه جلال الدين حقاني گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد فوت ٿي ويو آهي.  طالبان به سندس فوتگي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

افغان طالبان موجب،  حقاني نيٽ ورڪ جو سربراهه جلال الدين حقاني ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد فوت ٿي ويو آهي.

افغان ميڊيا سميت بين الاقوامي ادارن به طالبان جي ذريعن وارين خبرن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

افغان  طالبان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ فوتگي جي تصديق ڪئي وئي آهي ته جلال الدين حقاني بيمارهو.

موجوده افغان حڪومت خلاف ٿيندڙ ڪيترن ئي ڪارروائين ۾ به حقاني گروپ تي ملوث هئڻ جو الزام آهي.

واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ آمريڪا پاران حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*