جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته مخالف ڌر کي ورهائجڻ کان بچائڻ لاءِ اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي

جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته مخالف ڌر کي ورهائجڻ کان بچائڻ لاءِ اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهياسين، اسپيڪر ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ اسان گڏ هئاسين پر پي ايم جي چونڊ وقت پ پ ڌار رستو اختيار ڪيو ۽ ووٽ نه ڏنو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالغفور حيدري چيو ته تاريخ ۾ مثال رهندو ته پ پ مخالف ڌر جي پٺ ۾ خنجر هنيو آهي.

هن چيو ته مخالف ڌر کي ورهائجڻ کان بچائڻ لاءِ اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهياسين.

هن چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ گڏ هئاسين پر وزيراعظم جي چونڊ وقت پ پ ڌار اسٽينڊ ورتو ۽ ووٽ نه ڏنو.

عبدالغفور حيدري چيو ته پ پ اعتزاز جو نالو بنا مشاورت جي سامهون آندو، ٻن ٽن گڏجاڻين ۾ ڪوشش ڪئي پر پ پ نه مڃيو.

عبدالغفور حيدري چيو ته چيو ته هن وقت اسٽيبلشمنٽ جي حمايت يافته جماعت اقتدار ۾ آهي ۽ پ پ به ان جي مدد پئي ڪري، تاريخ پ پ جي ڪردار کي ياد رکندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*