سپريم ڪورٽ لاهور ۾ بل بورڊ لڳائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاهور ڪينٽونمنٽ، ريلويز، اين ايڇ اي

سپريم ڪورٽ لاهور ۾ بل بورڊ لڳائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاهور ڪينٽونمنٽ، ريلويز، اين ايڇ اي، اين ايل سي، ڊي ايڇ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس ريماڪس ڏيندي چيو آهي ته ڏهن ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو وڃي. فوج کي هائوسنگ اسڪيمون ٺاهڻيون آهن ته شهيدن جي وارثن لاءِ ٺاهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ لاهور ۾ اشتهاري بورڊ هٽائڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ايڊيشنل ڊي جي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته پاڪستان هائوسنگ اٿارٽيز فائونڊيشن پاران لاهور ۾ ڪنهن به قسم جا بل بورڊ نه لڳايا ويا آهن پر ڪينٽونمينٽ، اين ايل سي، ڊي ايڇ اي ۽ اين ايڇ اي بورڊ هنيا آهن.

ڪينٽونمنٽ جي وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته ڪينٽ جي آمدني جو وڏو حصو بل بورڊن ذريعي ايندو آهي، اداري کي وفاق يا صوبائي حڪومت پاران ڪي فنڊ نه ملندا آهن.

وڪيل چيو ته ڪينٽ عوام کي مختلف سهولتون ڏنيون آهن جنهن تي خرچ ٿيندو آهي.

ايڊيشنل ڊي جي چيو ته اسان پارڪ کي بحال رکڻ جا پئسا ڪنهن کان نه وٺندا آهيون. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پوءِ ڇا اجازت آهي ته فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ جوئا جا اڏا کوليا وڃن.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پي ايڇ اي ۽ ٻيا ادارا اربين رپيه ڪمائيندا آهن پئسو ڪاڏي وڃي ٿو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته فوج جو ڪهڙو ڪم جو هائوسنگ اسڪيمون ٺاهي، جيڪڏهن فوج کي اهڙيون اسڪيمون ٺاهڻيون آهن ته پنهنجي ملازمن ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ ٺاهي.

چيف جسٽس چيو ته اسان بل بورڊن بابت اصول واضح ڪنداسين، جيڪي سمورن شهرن تي لاڳو ٿيندا.

چيف جسٽس چيو ته، لاهور ۾ هر ٿڀني تي چوڌري سروس سميت مختلف پي ٽي آءِ اڳواڻن جون تصويرون لڳل آهن، اهي بينر ۽ پوسٽر لڳائڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي.

عدالت ڊي ايڇ اي لاهور، ريلوي، اين ايڇ اي ۽ اين ايل سي کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*