سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مالي بحران جو شڪار آهي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مالي بحران جو شڪار آهي، وفاق مان سنڌ کي پنهنجي حصي جو شيئر گهٽ مليو آهي، صوبي جا مسئلا گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ اٿاريندس.

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گذريل دور ۾ به سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي نه مليو، هاڻي به پاڻي گهٽ مليو آهي.

هن چيو ته هاڻي ڏسون ٿا وفاقي حڪومت ننڍن صوبن جا مسئلا ڪيئن ٿي حل ڪري، 30 سيپٽمبر کان پهرين هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي.

هن چيو ته سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس جا مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*