بلوچستان جو اڳوڻو صوبائي وزير سردار زاده ناصر خان جمالي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو

بلوچستان جو اڳوڻو صوبائي وزير سردار زاده ناصر خان جمالي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، سوڳ ۾ اوستامحمد ۽ ٻيا شهر مڪمل طور بند ٿي ويا.

اڳوڻو صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سردار زاده ناصر خان جمالي دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

سندس مڙهه اڄ ڪراچي کان اوستا محمد نيو پيو وڃي، جنهن بعد اباڻي ڳوٺ سردار يار محمد جمالي ۾ جناز نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

سردارزاده ناصر خان جمالي جي فوت ٿيڻ جي سوڳ ۾ اوستا محمد، گنداواهه ۽ ٻيا شهر  سوڳ ۾بند ٿي ويا آهن ، جڏهن ته سندس تڏي تي ماڻهن جو وڏو انگ موجود آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*