سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ميمبر پنهنجي ضمير جي آواز تي ڌيان ڏيندا ته اعتزاز احسن ڪامياب ٿي ويندو

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ميمبر پنهنجي ضمير جي آواز تي ڌيان ڏيندا ته اعتزاز احسن ڪامياب ٿي ويندو، اعتزاز احسن هڪ مڃيل سياستدان آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته پيپلزپارٽي صدارتي اميدوار واري مسئلي کي انا جو مسئلو ناهي بڻايو.

هن چيو ته مسلم ليگ نون پنهنجي فيصلي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

آغا سراج دراني چيو ته مخالف ڌر جي گڏجي رهڻ ۾ ئي فائدو آهي، جنهن سان عوام جا مسئلا حل ٿي سگهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*