هالا ڀرسان ٽينڪر جي هارجي ويل تيل ۾ گاڏيون سلپ ٿيڻ ڪري حادثا پيش آيا آهن
هالا ڀرسان ٽينڪر جي هارجي ويل تيل ۾ گاڏيون سلپ ٿيڻ ڪري حادثا پيش آيا آهن،جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پوليس ڊرائيورکي گرفتار ڪري ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
خاصخيلي واٽر وٽ ڪاري تيل سان ڀريل آئل ٽينڪر جي ٽانڪي لِيڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ تيل روڊ تي هارجي پيو، جيڪو قومي شاهراهه تي 2 ڪلوميٽرن تائين ڦهلجي ويو.
ايندڙ ويندڙ ڪيتريون گاڏيون روڊ تي تيل هاريل هئڻ سبب سلپ ٿي حادثي جو شڪار ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جنهن جي غلام سرور جوڻيجو نالي طور سڃاڻپ ٿي، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
اطلاع تي پوليس ۽ ڳوٺاڻن پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
ٻئي طرف پوليس آئل ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي………