مسلم ليگ نوازشريف کي انصاف نه ملڻ ۽ جوڊيشل پروسيسنگ ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

مسلم ليگ نوازشريف کي انصاف نه ملڻ ۽ جوڊيشل پروسيسنگ ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو، مسلم ليگ ن جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيوويو آهي ته اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي تي ڪميشن ٺاهڻ واري مطالبي تان پوئتي نه هٽنداسين. اجلاس ۾ چيو ويو آهي  ته جنهن شخص جو ڪيس نيب ۾ هجي هو، ڪيئن نيب چيئرمين سان ملاقات ڪري سگهي ٿو.

اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جو شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نواز ليگ اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ نوازشريف کي انصاف نه ملڻ ۽ جوڊيشل پروسيسنگ ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ننڍي چونڊ ۾ ووٽنگ واري معاملي کي به رد ڪيو ويو. جڏهن ته وزيراعظم ۽ نيب چيئرمين جي ملاقات کي مفادن جي ٽڪراءُ قرار ڏنو ويو آهي.

اجلاس ۾ اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي ي ڪميشن ٺاهڻ واري مطالبي تان پوئتي نه هٽڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پارلياماني پارٽي جي اڳواڻن چيو ته جنهن جو ڪيس نيب هجي اهو ڪيئن نيب سان ملاقات ڪري سگهي ٿو.

اجلاس ۾ اي سي سي ۾ بجلي سستي ڪرڻ بدران مهانگي ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ چيو ويو  ته سي پيڪ فنڊز جي بندش ۽ مغربي روٽ تي ڪم روڪيو ويو آهي. جڏهن ته لوڪل گورنمنٽ جو نظام ختم ڪرڻ واري اعلان تي ڪنوينشن سڏائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*