عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽  ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ووٽن جي خبر نه آهي پر عارف علوي ضرور کٽيندو

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽  ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ووٽن جي خبر نه آهي پر عارف علوي ضرور کٽيندو، عارف علوي ۽ ممنون حسين جي شخصيتن ۾ واضح فرق آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا  سان ڳالهائيندي شيخ  رشيد چيو ته عارف علوي اڄ شام صدر چونڊجي ويندو، ممنون حسين هليو ويندو. هاڻ سندس بابت ڇا ڳالهايان.

هن چيو ته پاڪستان پنهنجي مفادن کي هر قيمت تي ترجيح ڏيندو، پرڏيهي معاملن تي شاهه محمود قريشي جي شڪل ۾ بهترين ۽ تجربيڪار شخصيت موجود آهي.

ريلوي واري وفاقي  وزير چيو ته اسان جي حڪومت کي 10 ڏينهن ٿيا آهن، انشاءَ الله  سئو ڏينهن ۾ پاڪستان جي ريلوي جي پرفارمنس بهتر ٿي ويندي.

شيخ رشيد  چيو ته سمورا سياستدان ۽ پارٽيون ميڊيا ميڊيا چئي رهيون آهن، اڄ جلسن جلوسن جو وقت ختم ٿي ويو آهي ۽ سياستدان ميڊيا ۾ پنهنجي ريٽنگ چاهين ٿا.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته فضل الرحمان هڪ ديني ۽ مذهبي مڪتبه فڪر سان لاڳاپا رکي ٿو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*