پنجاب جي وقتي گورنر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته هو فارورڊ بلاڪ جي خلاف آهي

پنجاب جي وقتي گورنر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته هو فارورڊ بلاڪ جي خلاف آهي، اتحادين سان ڪيل واعدا پورا ڪندو. صوبي جي عوام سان سڀ کان وڌيڪ زيادتي شهباز شريف ڪئي

پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته صوبي جي عوام سان سڀ کان وڌيڪ زيادتي شهباز شريف ڪئي.

هن چيو ته شهباز سريف صوبي جي نظام کي تباهه ڪيو، اسپتالن جي حالت ڏسو، اوهان کي سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو.

وقتي گورنر چيو ته شهباز شريف چوندو هو ته هي ماڻهو ٺيڪ نه آهي، کيس بلوچستان موڪليو وڃي.

پرويز الاهي چيو ته مسلم ليگ ن جو صدر ته بيٺي بيٺي ماڻهن کي ٽرانسفر ڪري ڇڏيندو هو.

 پنجاب جي وقتي گورنر چيو ته اميد آهي ته  عارف علوي ڪامياب ٿيندو، عمران خان  جي هڪ سئو ڏينهن واري پلان جو انتظار ڪيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*