مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته جيڪڏهن صدارتي چونڊن ۾ عارف علوي ڪامياب ٿي ويو ته ذميوار آصف زرداري هوندو

مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته جيڪڏهن صدارتي چونڊن ۾ عارف علوي ڪامياب ٿي ويو ته ذميوار آصف زرداري هوندو.

پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته  آصف زرداري کي خبر هئي ته هو هڪ تڪراري شخصيت کي اميدوار بڻائي رهيو آهي.

 هن  چيو ته عارف علوي جي ڪاميابي جو تاج آصف زرداري جي مٿي تي هوندو.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته گڏيل مخالف ڌر جي اجلاس ۾ چيو ويو ته مسلم ليگ ن جا ووٽ وڌيڪ آهن، تنهن ڪري وزيراعظم جو اميدوار توهان جو هوندو.

هن چيو ته  ڌانڌلي کي وائکو ڪرڻ جو هڪ موقعو هو جنهن کي ضايع ڪيو ويو.

خواجا سعد رفيق چيو ته هڪ وقت هو جڏهن عمران خان چوندو هو ته پ پ فرينڊلي اپوزيشن بڻجي وئي آهي، هاڻ پ پ ۽ پي ٽي آءِ جون ڪڙيون خبر ناهي ڪٿي ڪٿي وڃي ملن ٿيون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*