خانپور ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مذهبي اڳواڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

خانپور ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مذهبي اڳواڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف مڇريل ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

خانپور ويجهو هٿيار بندن فائرنگ ڪري مذهبي اڳواڻ شفقت عباس مطهري کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو.

واقعي بعد مڇريل ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته مذهبي اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*