وزيراعظم عمران خان نجڪاري، سي پيڪ ۽ توانائي بابت ڪابينا جون ڪمٽيون جوڙي ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان نجڪاري، سي پيڪ ۽ توانائي بابت ڪابينا جون ڪمٽيون جوڙي ڇڏيو،  توانائي  جي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جو چيئرمين پيٽروليم واري وزير غلام سرور خان کي مقرر ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان نجڪاري، سي پيڪ ۽ توانائي بابت ڪابينان جون ڪمٽيون جوڙي ڇڏيو آهن.

توانائي  جي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جو چيئرمين پيٽروليم واري وزير غلام سرور خان کي مقرر ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي ۾ ناڻي وزير، رٿابندي واري وزير، ريلوي واري وزير، تجارت ۽ ٽيڪسٽائل بابت صلاحڪار  شامل آهي.

وزيراعظم  نجڪاري بابت 7 رڪني ڪابينا جي ڪميٽي جوڙِ آهي، جنهن جو چيئرمين اسد عمر کي مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، قانون واري، رٿا بندي واري وزير، تجارت ۽ ٽيڪسٽائل وارو صلاحڪار ۽ ڪفايت شعاري ڪميٽي جا ميمبر به ڪميٽي ۾ شامل آهن.

ڪميٽي ۾ تجارت ۽ ٽيڪسٽائل واري صلاحڪا،ر صنعت ۽ پيداوار ۽ ڪابينا ڊويزن جو سيڪريٽري ڪميٽي جو حصو آهي.

وزيراعظم سي پيڪ بابت 9 رڪني ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جو چيئرمين رٿابندي واري وزير خسرو بختيار کي مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، پرڏيهي وزير، قانون ۽ انصاف واري وزير، ناڻي واري وزير، پيٽروليم واري وزير، ريلوي واري وزير ۽ گهر معاملن بابت مملڪتي وزير کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

سيڪريٽري ڪابينا ڊيويزن به  سي پيڪ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽنهي ڪميٽين جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*