ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي امير شيخ چيو آهي ته اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جو ڪمرو سب جيل قرار ڏنل هو

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي امير شيخ چيو آهي ته اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جو ڪمرو سب جيل قرار ڏنل هو، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ شخص هٿ ۾ ڇو ٿيلهي کڻي اچي رهيو آھي.

ڪراچي ۾ ايس ايس پي اي وي سي سي عرفان بهادر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي امير شيخ چيو ته شاهديون مٽائڻ بابت جيل عملي کان بيان ورتا پيا وڃن، ڪا گرفتاري نه ٿي آھي.

هن چيو ته جيل انتظاميه ڪمرو سيل ڪري شيون اسان جي حوالي ڪيون، اسان ليبارٽري موڪليون، جيڪا رپورٽ آئي ان کي قبول ڪرڻ جا پابند آھيون.

امير شيخ چيو ته اي وي سي سي پوليس اتحاد ٽائون ۾ ڪارروائي دوران ٻن آپگهاتي بمبارن سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

هن چيو ته اي وي سي سي پوليس ڪارروائي ڪري ڪراچي کي وڏي دهشتگردي کان بچائي ورتو آھي.

امير شيخ چيو ته دهشتگردن سٽي ڪورٽ تي حملي جي منصوبابند ڪئي هئي.

ايس ايس پي عرفان بهادر چيو ته زبير عرف وقاص تحريڪ طالبان سوات گروپ ڪراچي جو امير هو، آپگهاتي بمبار افغانستان مان آيا هئا.

هن چيو ته پوليس ڪارروائي دوران 2 خودڪش جيڪيٽس سميت ٻيا هٿيار ڪيا آهن.

ايس ايس پي عرفان بهادر چيو ته تحريڪ طالبان سوات گروپ جا دهشتگرد ڪراچي ۾ موجود آھن، انهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*