اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ملاقات ڪري کيس پارلياماني پارٽي جي اجلاس بابت بريفنگ ڏني  آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ملاقات ڪري کيس پارلياماني پارٽي جي اجلاس بابت بريفنگ ڏني  آهي، شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي ڪوشش هئي ته اپوزيشن جو گڏيل اميدوار سامهون اچي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اڊيالا جيل مان سخت سيڪيورٽي ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت آندو ويو.

احتساب عدالت ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي.

شهباز شريف ملاقات دوران نوازشريف کي پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي فيصلن کان آگاهه ڪيو.

شهباز شريف صدارتي چونڊن بابت به نواز شريف کي آگاهه ڪيو.

مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف نوازشريف سان ملاقات ڪرڻ بعد احتساب عدالت مان روانو ٿي ويو.خواجا آصف ۽ طارق فضل چوڌري به ساڻس گڏ هئا.

شهباز شريف چيو ته اسان جي ڪوشش هئي  ته  اپوزيشن جو گڏيل اميدوار اچي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*