انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران آءِ سي سي ون ڊي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران آءِ سي سي ون ڊي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيادت برينڊن ميڪيولم ڪندو، جڏهن ته 12رڪني اسڪواڊ ۾ ڪوبه پاڪستاني ۽ انڊين  رانديگر شامل نه آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران آءِ سي سي ون ڊي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ٽيم جي قيادت نيوزيلينڊ جو ڪپتان برينڊن ميڪيولم ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ نيوزيلينڊ جو ڪوري اينڊرسن، ٽرينٽ بولٽ، مارٽن گپٽل، آسٽريليا سان تعلق رکندڙ گلين ميڪسويل، اسٽيون سمٿ ۽ مچل اسٽآرڪ شامل آهن.

ڏکڻ آفريڪا جا ٻه رانديگر اسڪواڊ ۾ شامل آهن، جن ۾ ايب ڊي ويليئرز ۽مورني مورڪل، جڏهن ته سري لنڪن ڪمار سنگاڪارا کي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جي حيصيت شامل ڪيو آهي.

زمبابوي ٽيم جي برينڊن ٽيلر کي 12هين رانديگرن جي حيصيت سان اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ سي سي جي جنرل مينيجر ڪرڪيٽ جيف ايلارڊيڪا جو چوڻ هو ته ٽيم جي سليڪشن ۾ کين تمام گهڻي مشڪل پيش آئي.

هن چيو ته ڪيترن ئي رانديگرن جي نالن تي بحت ٿيو، جنهن بنگلاديش جو محمود الله،  پاڪستان جي وهاب رياض،ڀارت جي محمد شامي، ڏکڻ آفريڪا جي عمران طاهر، انڊين فاسٽ بالر اميش ياديو سميت يو اي ايِ جو شيمان انور ۽ ايشون جا نالا شامل هئا پر سڀني رانديگرن کي 12 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*