آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ آمريڪي فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل جوزف ڊنفورڊ هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي رهيا آهن

آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ آمريڪي فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل جوزف ڊنفورڊ هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي رهيا آهن،

آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو آهي ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا ماضي کي وساري نئين اڳڀرائي جي شروعات ڪندا، خواهش آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٽياڪڙي ڪري، جيڪڏهن پاڪستان جو سهڪا رنه مليو ته پوءِ اهو ئي ٿيندو جيڪو جنرل نڪلسن ۽ جنرل ملر ٻڌائي چڪا آهن.

آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو، آمريڪي فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل جوزف ڊنفورڊ  سان گڏ هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي رهيو آهي، جنهن دوران وزيراعظم عمران خان سان به سندن ملاقات جا امڪان  آهن.

آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪندو، جنهن کانپوءِ پرڏيهي آفيس ۾ وفد جي سطح تي پاڪ آمريڪا ڳالهيون ٿينديون.

پاڪستان روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو خواهش ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان افغانستان ۾  ٽياڪڙي لاءِ آمريڪا جي مدد ڪري.

هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جو سهڪار نه مليو ته پوءِ اهو ئي ٿيندو، جيڪو جنرل نڪلسن ۽ جنرل ملر ٻڌائي چڪا آهن.

امدادي گهٽائڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي مائيڪ پومپيو چيو ته پاڪستان کي اڳ ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته کيس رقم نه ملندي ۽ رقم نه ڏيڻ جو سبب به ٻڌايو هو.

آمريڪي پرڏيهي وزير سبب جي وضاحت ڪندي چيو ته اسان اڳڀرائي نه ڏٺي،  جنهن جي پاڪستان ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*