امريڪا جي صحافي باب ووڊ ورڊز ڊونلڊ ٽرمپ جي زندگي بابت وڏا انڪشاف ڪندي آمريڪي صدر تي شامي صدر کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي

امريڪا جي صحافي باب ووڊ ورڊز ڊونلڊ ٽرمپ جي زندگي بابت وڏا انڪشاف ڪندي آمريڪي صدر تي شامي صدر کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابروا داري جي رپورٽ موجب امريڪا جي هڪ صحافي  باب ووڊ ورڊز امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف وڏا انڪشاف ڪيا آهن .

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب امريڪي  صحافي پنهنجو ڪتاب خوف ۾ لکندي چيو آهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام ۾ ڪيميائي حملي جي اطلاع تي شامي صدر کي مارڻ جو حڪم ڏنو.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪتاب ۾ صحافي لکي ٿو ته  امريڪا جي بچاءُ واري وزير جيمز ميٽس  صدر ٽرمپ جي حڪم کي نظر انداز ڪندي معاملا پاڻ حل  ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.

   پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ  موجب امريڪي صحافي ڪتاب خوف ۾ وڌيڪ  چوي ٿو ته صدارتي حڪم کان پوءِ امريڪا شام ۾ 59 ٽام هاڪ ميزائل فائر به ڪيا.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق صحافي جي ڪتاب لکڻ جي خبر پوڻ تي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ليکڪ سان فون تي  رابطو ڪري ورتو.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب امريڪي صدر  صحافي کي ڪتاب جي مارڪيٽ ۾ نه اچڻ جي ڳالهه ڪئي جيڪا ليکڪ قبول نه ڪندي صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب امريڪي صدر صحافي کي ڪتاب لکڻ کان اڳ رابطو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن تي صحافي  کيس چيو ته  هن ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر دفعي ناڪامي نصيب ٿي خبر ناهي، وائيٽ هائوس ۾ ڪم ڪئين ٿيندو آهي، اهو سمجهه ۾ ناهي اچي سگهيو.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  صحافي جي ڪتاب  بابت وضاحتون پيش ڪندي چيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، جنهن تي صحافي کيس ثبوت پيش ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ڇڏي .

  پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب  آخر ۾ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪتاب خوف جي باري هي لفظ چوندي ڪتاب منهنجي لاءِ خطر ناڪ ثابت  ٿيندو  چئي فون بند ڪري ڇڏيو .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*