پنجاب جي علائقي جهنگ ۾ اڻڄاتل جوابدارن هڪ استاد ۽ سندس ماءُ کي ڇرين جا واري ڪري قتل ڪري ڇڏيو

پنجاب جي علائقي جهنگ ۾ اڻڄاتل جوابدارن هڪ استاد ۽ سندس ماءُ کي ڇرين جا واري ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول عاطف رضوان جو ڪجهه  ڏينهن سندس گهرواري جي دوست سان جهيڙو ٿيو، شڪ آهي ته سندس گهرواري به قتل ۾ ملوث آهي.

رات دير سان جهنگ ۾ حسنانا واري علائقي  ۾ اڻڄاتل جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد عاطف رضوان ۽ سندس ماءُ کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪياويا.

پوليس موجب، ڪجهه عرصو اڳ مقتول عاطف رضوان جو سندس گهرواري جي دوست سان جهيڙو ٿيو هو.

پوليس موجب، وارثن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته آهي ته مقتول جي گهرواري جو دوست حيدرشاهه ماءُ ۽ پٽ کي قتل ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*