اسان حڪومت جي غلط ڪمن تي تنقيد ۽ سٺن ڪمن جي حوصلا افزائي ڪنداسين،پيپلزپارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره

پيپلزپارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره عارف علوي کي  صدر چونڊجڻ تي واڌايو ڏيندي چيو  آهي ته اسان حڪومت جي غلط ڪمن تي تنقيد ۽ سٺن ڪمن جي حوصلا افزائي ڪنداسين، اسان تي آڱر کڻڻ کان پهرين پنهنجو پاڻ کي به ڏسڻ گهرجي، اسان ته نوازشريف ڏانهن هر قدم وڌائڻ لاءِ تيار هئاسين.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره عارف علوي کي  صدر چونڊجڻ تي واڌايو ڏيندي چيو  ته اسان حڪومت جي غلط ڪمن تي تنقيد ۽ سٺن ڪمن جي حوصلا افزائي ڪنداسين.

هن چيو ته، اسان تي آڱر کڻڻ کان پهرين پنهنجو پاڻ کي به ڏسڻ گهرجي، اسان ته نوازشريف ڏانهن هر قدم وڌائڻ لاءِ تيار هئاسين.

پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته ، پيپلزپارٽي جيڪڏهن عارف علوي کي ووٽ ڏئي ها ته اپوزيشن حيران ٿي وڃي ها.

هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ ف جي ترجيحون الڳ الڳ آهن،  پيپلزپارٽي ڪنهن به جماعت سان گڏجي چونڊ ناهي وڙهي.

قمر زمان ڪائره چيو ته پيپلزپارٽي هڪ مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي، اسان هميشه غيرآئيني قدمن جي مخالفت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*