راجنپور ويجهو پراڻي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو

راجنپور ويجهو پراڻي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

روجهاڻ واري علائقي ۾ جوابدار هڪ گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.

هٿياربندن جي فائرنگ دوران هڪ عورت به زخمي ٿي پئي.

واقعي بعد مارجي ويلن جا لاش اسپتال آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*