نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي استعيفيٰ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب، نئين چونڊيل صدر عارف علوي پنهنجي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪلي وئي آهي.

واضح رهي ته عارف علوي 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن دوران ڪراچي جي تڪ اين اي 247 تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو هو.

عام چونڊن ۾ عارف علوي 91 هزار 20 ووٽ حاصل ڪيا هئا، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار سيد زمان علي جعفري 24 هزار 660 ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوار ڊاڪٽر فاروق ستار 24 هزار 146 ووٽ کنيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*