ساماري ۾رينجرز ۽ آبپاشي عملي پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪندي مختلف واٽر ڪورسز بند ڪرائي ڇڏيا آهن

ساماري ۾رينجرز ۽ آبپاشي عملي پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪندي مختلف واٽر ڪورسز بند ڪرائي ڇڏيا آهن، علائقي جي 9 آبادگارن تي پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

نبي سر واهه تي رينجرس اهلڪارن ۽ آبپاشي عملي ڇاپا هنيا ۽ وارا بندي باوجود وهندڙ 9 واٽر ڪورس بند ڪرائي ڇڏيا.

سامارو ٿاڻي تي آبپاشي داروغي فرياد تي آبادگار مرتضيٰ بروھي، محمد عارف، رامشي ڪولھي ۽ ٻين خلاف پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*