سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل حڪومت ۾ شروع ڪيل ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ وارا آهن

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل حڪومت ۾ شروع ڪيل ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ وارا آهن، ڪراچي ۾ ٽيپو سلطان پل ۽ ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ پل وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ پل جي تعمير سان عوام کي سفري سهولتون ملنديون.

وڏي وزير مراد علي شاهه جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ پل وارو ڪم 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ ارب 21 ڪروڙ لاڳت آئي آهي.

هن چيو ته ريلوي ڦاٽڪ پل تعمير ڪرڻ علائقي واسين جو پراڻو مطالبو هو، جنهن کي پ پ جي حڪومت پورو ڪيو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ نون ترقياتي منصوبن تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*