ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ ڀڃڪڙي ڪيس جي ٻڌڻي جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ سبب 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ ڀڃڪڙي ڪيس جي ٻڌڻي جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ سبب 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار پيش ٿيو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اسان خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جي روايت بڻجي چڪي آهي، عدالت جو احترام ڪريون ٿا هر حاضري تي پيش ٿي رهيا آهيون.

فاروق ستار چيو ته اسان خلاف ڪيس هلڻ سان گڏ فيصلا به اچڻ گهرجن.

هن چيو ته عارف علوي ڪراچي کي جائز مقام ۽ حصو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ هڪٻئي سان گڏجي هلندا.

فاروق ستار چيو ته جيڪڏهن ماڻهن جي تقدير کي بدلائڻو آهي ته انهن کي حق ڏيڻا پوندا.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي فيصلن ۾ مون کي شامل نه ڪيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم کي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

فاروق ستار چيو ته عام چونڊ جي نتيجن خلاف ٽربيونل ۾ وينداسين، وزيراعظم تڪ کولڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، خدشا ختم ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*