احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي شاهد اشتياق احمد پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي شاهد اشتياق احمد پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، جوابدار جي وڪيل قاضي مصباح به آڏي پڇا مڪمل ڪري ورتي آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي  ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيشنل بينڪ جو اڳوڻو صدر سعيد احمد ۽ شاهد اشتياق احمد پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي شاهد اشتياق احمد پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، جڏهن ته جوابدار جي وڪيل قاضي مصباح شاهد کان آڏي پڇا به مڪمل ڪئي.

احتساب عدالت اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن  واري ريفرنس جي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*