بلوچستان جي علائقي سبي ۾ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ هڪ نوجوان کي غير جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو

بلوچستان جي علائقي سبي ۾ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ هڪ نوجوان کي غير جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو.

سبي جي ڇتر ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد عمر ۾ جوابدار طارق پنهنجي سئوٽ محمد خان سان گڏجي پنهنجي ڀيڻ رفت بي بي کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

جوابدار ڀيڻ کي قتل ڪرڻ بعد نوجوان فياض حسين کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار طارق ۽ سندس سئوٽ فرار ٿي ويا آهن، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*