سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته يوم دفاع جي مرڪزي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندي

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته يوم دفاع جي مرڪزي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان به شرڪت  ڪندو

يوم دفاع سڀاڻي ملهايو ويندو، ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ ريل گاڏين، بسن ۽ ويگنن کي شهيدن جي تصويرن سان سجايو ويو آهي.

مختلف شهرن جي روڊن رستن تي  پاڪ فوج جي شهيدن جون تصويرون به لڳايون ويون آهن.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾  فواد چوڌري چيو ته   يوم دفاع جي مرڪزي تقريب  سڀاڻي جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندي.

هن چيو ته يوم دفاع جي مرڪزي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان به خصوصي طور شرڪت ڪندو.

فواد چوڌري پنهنجي پيغام چيو ته اسان کي پاڪستان سان پيار آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*