سنڌ هاءِ ڪورٽ ايئرپورٽ حملي ڪيس جو ٽرائيل 3 مهينن ۾ اڪلائڻ جو حڪم ڏنو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايئرپورٽ حملي ڪيس جو ٽرائيل 3 مهينن ۾ اڪلائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت ۾ ايئرپورٽ حملو ڪيس ڪراچي کان سکر منتقل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي.

پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته ايئرپورٽ حملو ڪيس اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري ٽرائيل مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ايئرپورٽ حملو ڪيس ڪراچي کان سکر منتقل ڪيو ويو آهي، منهنجي جان کي خطرو آهي، تنهن ڪري ڪيس سکر مان ڪراچي منتقل ڪيو وڃي.

ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ جوابدار سرمد صديقي ۽ نديم برگر ضمانت تي آزاد آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*