ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن مان ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

ڪورنگي 6 نمبر واري علائقي ۾ مسافر بس جو ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان محمد حميد فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڪورنگي جي گدام چورنگي وٽ مسافر بس جي ڇت تان ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد بس ڊرائيور فرار ٿي ويو.

ريسڪيو ٽيمن ٻنهي ڄڻن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا، پوليس موجب ٻنهي نوجوانن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*