نوابشاهه ۾ شاگردياڻي کي مبينا حراسان ڪرڻ واري معاملي تي وڏي وزير پاران جڙيل ڪميٽي جاچ جي شروعات نه ڪئي

نوابشاهه ۾ شاگردياڻي کي مبينا حراسان ڪرڻ واري معاملي تي وڏي وزير پاران جڙيل ڪميٽي جاچ جي شروعات نه ڪئي، مختلف سياسي ۽ شاگرد تنظيمن پاران متاثر شاگردياڻيءَ جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي فرزانه جمالي سان استاد پاران مبينا جنسي حراسان ۽ بدتميزي ڪرڻ واري معاملي جو وڏي وزير مراد علي شاهه سختيءَ سان نوٽيس وٺندي مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر اي ڪيو راجپوت جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي آهي.

وڏي وزير طرفان جُڙيل جاچ ڪميٽي ۾تعليم کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري ۽ نوشهري فيروز جو ڊي سي انور شر به شامل آهن.

 وڏي وزير پاران جڙيل ڪميٽي هن وقت تائين ڪيس ۾ ڪنهن قسم جي اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي، ڪميٽي متاثر شاگردياڻي سوڌو الزام هيٺ آيل ليڪچرر  توڙي وائيس چانسلر سان رابطو ڪري ڪنهن کان بيان نه ورتا آهن.

 ڪميٽي جي اهڙي عمل تي  متاثر شاگردياڻي جي وارثن ۾ بيچيني جي لهر ڇائنجي وئي آهي.

 ٻئي طرف قومپرست، سياسي ۽ شاگرد تنظيمن پاران واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن.

 نوابشاهه ۾ سنڌترقي پسند پارٽي پاران رفيق ملاح، شاهنواز ڪيريو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته جسقم پاران  علي رضا خاصخيلي ۽ گل ڏاهري جي اڳواڻي۾ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف، فنڪشنل مسلم ليگ، ايس يو پي ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

 ٽنڊي ڄام ۾سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن پراڊڪشن فيڪلٽي کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ نياڻين سان حراسمينٽ جا روز وڌندڙ واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، ان خلاف سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

 هنن مطالبو ڪندي چيو ته  فرزانه جمالي واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل ليڪچرر  عامر خٽڪ ۽ وي سي ارشد سليم خلاف جاچ ڪري کين قانون موجب سزا ڏني وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*