جاپان، پاڪستان دوستي گروپ جي سربراهه سيشيئرو جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي

جاپان، پاڪستان دوستي گروپ جي سربراهه سيشيئرو جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي، اسد قيصر چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جا لاڳاپا مضبوط آهن، جاپاني وفد چيو آهي ته پاڪستان سان سهڪار جاري رکيو ويندو.

جاپان، پاڪستان دوستي گروپ جي سربراهه سيشيئرو جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ جاپان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن  جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي اسد قيصر چيو ته پاڪستان جاپان سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏيندو آهي، انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو به خواهشمند آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان ويجهن لاڳاپن ۽ گڏيل تجارت سميت اهم شعبن ۾ رابطن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  چيو ته، پاڪ جاپان دوستي گروپ کي تمام جلد وڌيڪ فعال ڪيو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ملي سگهي ٿي.

اسد قيصر چيوته گڏيل مفادن لاءِ ٻنهي ملڪن کي ڪارواري برداري ۽ عوام ۾ سهڪار ضروري آهي،

ان موقعي تي جاپاني وفد چيو ته ته پاڪ جاپان دوستي گروپ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ  ضروري آهي.

جاپاني وفد چيو ته جاپان پاڪستان ۾ معاشي، اقتصادي ترقي کي هٿ ڏيارڻ لاءِ سهڪار جاري رکندو.

جاپاني وفد چيو ته جاپان پاڪستان ۾ تعليم ۽ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ هر ممڪن سهڪار جاري رکندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*