سنڌ سرڪار پاران صوبائي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

سنڌ سرڪار پاران صوبائي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب 4 وزير اڄ شام عهدن جو حلف کڻندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا جي ٻي مرحلي ۾ وڌيڪ 4 وزير شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهن وزيرن ۾ ناصر شاهه، امتياز شيخ، مڪيش ڪمار ۽ فراز ڏيرو شامل آهن.

ذريعن موجب نوان وزير اڄ شام گورنر هائوس ۾ عهدن جو حلف کڻندا، کين گورنر عمران اسماعيل حلف کڻائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*