ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيل حسين  لوائي کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي

ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيل حسين  لوائي کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت گذريل ڏينهن حسين لوائي جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت فيصلي ۾ چيو ته حسين لوائي کي قانون موجب جيل ۾ بي ڪلاس جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل حسين لوائي عدالتي رمانڊ تي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*