نوشهرو فيروز جي عدالت  شاگردياڻي ڪنزه ميمڻ کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد لا ڪاليج جي پرنسپال جي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي

نوشهرو فيروز جي عدالت  شاگردياڻي ڪنزه ميمڻ کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد لا ڪاليج جي پرنسپال جي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي، پرنسپال تي شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ وارو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف نوشهروفيروز جي وڪيل برادري پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، متاثر ڌُر چيو آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس پرنسپال کي تحفظ ڏئي رهي آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهرو فيروز جي عدالت ڪنڊيارو واسڻ شاگردياڻي ڪنزه ميمڻ کي مبينا جنسي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل خانگي لاڪاليج جي پرنسپال بدرالزمان ڪمبوهه جي 50 هزار رپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

ٻئي طرف خانگي لا ڪاليج جي پرنسپال تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف وڪيلن ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن سبب عدالتن ۾ پيشي توڙي ڪم سانگي آيل سوين ماڻهو پريشان رهيا.

پرنسپال خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ شاگردياڻي جي امڙ انصاف لاءِ نوشهرو فيروز جي عدالت ۾صبح 9 وڳي کان موجود هئي پر عدالتي بائيڪاٽ سبب کيس نه ٻڌو ويو.

هوڏانهن پوليس پاران ڪيس ۾نامزد جوابدار بدرالزمان ڪمبوهه کي گرفتار نه ڪرڻ تي متاثر ڌُر جو چوڻ آهي ته بااثرن جي چوڻ تي پوليس پرنسپال کي تحفظ ڏئي رهي آهي،

شاگردياڻي ڪنزه جي والد ڊاڪٽر مختيار ميمڻ  موجب پوليس ايس ايس پي جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو، ايس ايس پي جي انڪوائري ۾ به پرنسپال ڏوهي ٿيو، ان جي باوجود کيس گرفتار نه ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي.

هن چيو ته اسان معاملو وڌائڻ نه پئي چاهيو پر ڪري دانهن ان ڪري ڪئي ته اڄ اسان جي نياڻي سان ٿيو آهي سڀاڻي ٻئي ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته فوري طور ڪيس ۾ ڄاڻايل پرنسپال کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

جوابدار ڄاڻايل پرنسپال بدرالزمان ڪمبوهه جو چوڻ آهي  ته منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، شاگردياڻي پنهنجي جوابي ڪاپي امتحاني سينٽر کان ٻاهر کڻي وڃڻ ٿي چاهي، روڪڻ تي ڊرامو ٺاهيو ويو.

 هن چيو ته ڪيس بعد مون گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست عدالت ۾ ڏني، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*