اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي درخواستون جلد اڪلائڻ واري درخواست اڪلائي ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي درخواستون جلد اڪلائڻ واري درخواست اڪلائي ڇڏي، عدالت درخواست کي اڪلائيندي چيو آهي ته اپيلن سان گڏ سزا معطلي واريون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، 10 سيپٽمبر تي جسٽس اطهر من الله جسٽس ميان گل حسن  اورنگزيب تي ٻڌل ڊويزن بينچ ڪندي.

اسلام آباد هاءِ ڪورت ۾  اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  خلاف درخواستون جلد اڪلائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

نوازشريف درخواست ۾ سزا معطلي جي درخواستن کي جلد اڪلائڻ جي استدعا ڪئي هئي.

عدالت درخواست کي اڪلائيندي چيو ته اپيلن سان گڏ سزا معطلي واريون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، 10 سيپٽمبر تي بينچ موجود هوندي، جيڪا هن معاملي کي سڏندي

عدالت چيو ته انهن درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس اطهر من الله جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ڊويزن بينچ ڪندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*