يوم دفاع جي حوالي سان شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت تياريون جاري آهن

يوم دفاع جي حوالي سان شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت تياريون جاري آهن، مختلف شهرن جي اهم شاهران تي شهيدن جا بينرز لڳائي کين ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

ملڪ خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي حوالي سان تياريون جاري آهن.

اسلام آباد، لاهور ، ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، ملتان، فيصل آباد ۽ ٻين شهرن جي اهم شاهراهن تي شهيدن جي تصويرن وارا بينرز لڳايا ويا آهن.

پشاور ۾ يوم دفاع جي حوالي سان فل ڊريس ريهرسل ڪرائي وئي، جنهن ۾ جنگي سامان جي نمائش سميت پاڪ فوج جي جوانن عسڪري مهارت جو مظاهرو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*