سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پاڪستان سڀ کان گهٽ ٽئڪس ڏيندڙ ملڪن ۾ ڳڻجي ٿو
سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پاڪستان سڀ کان گهٽ ٽئڪس ڏيندڙ ملڪن ۾ ڳڻجي ٿو، پنجاب هائوس وزيراعظم هائوس کان وڌيڪ عاليشان آهي، اسان شاهي محلن جي وڊيو هلائي عوام کي آگاهي ڏئي رهيا آهيون.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته پاڪستان سڀ کان گهٽ ٽئڪس ڏيندڙ ملڪن ۾ ڳڻجي ٿو.
هن چيو ته پنجاب هائوس وزيراعظم هائوس کان وڌيڪ عاليشان آهي، عمران خان پهرين خطاب ۾ سادگي اختيار ڪرڻ جو چيو هو.
سينيٽر چيو ته، شاهي محلن جي وڊيو هلائي عوام کي آگاهي ڏئي رهيا آهيون.
هن چيو ته پاڪستان ۾ هر سال 10 ارب رپيا مني لانڊرنگ ٿئي ٿي.
سينيٽر چيو ته، مڪاني ادارن جي آڊٽ عالمي ادارن کان ڪرائي ويندي، عوام کي نئين ۽ پراڻي پاڪستان بابت ٻڌائينداسين.
سينيٽر فيصل جاويد چيو ته پي ايم هائوس فائير ايجوڪيشن سينٽر آف ايڪسيلنس ۾ تبديل ڪيو ويندو، عوام جو پئسو عوام جي تعليم ۽ صحت تي خرچ ٿيندو………….