سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عزيز آباد جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ لاءِ مئٽرڪ جي امتحان جو شيڊول تبديل ٿيڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي هئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هڪ تڪ تي ننڍي چونڊ جي ڪري پوري ڪراچي ۾ امتحان جو شيڊول تبديل ڪرڻ درست عمل نه آهي.

درخواست ۾ چيو ويو ته ننڍي چونڊ جي ڪري مئٽرڪ جي امتحانن کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو وڃي.

عدالت ڌرين جو بيان ٻڌڻ کان پوءِ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*