وزيراعظم عمران خان ڪنهن به سرڪاري ملازم کي برطرف نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان ڪنهن به سرڪاري ملازم کي برطرف نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ريگيولر، ڪانٽريڪٽ ايڊهاڪ ملازمن کي برطرف نه ڪيو ويندو، حڪم عدالتي فيصلن تي اثرانداز نه ٿيندا.

وفاقي حڪومت ڪنهن به سرڪاري  ملازم کي برطرف نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم کان علاوه ٻيو ڪنهن کي به برطرف نه ڪيو ويندو.

وزيراعظم جي سيڪريٽري اعظم خان سرڪاري کاتن جي سربراهن کي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ادارن جي ڪنهن به  مستقل ۽ يا ڪانٽريڪٽ ملازم کي برطرف نه ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*