پاڪستان جي دوري تي پهتل مائيڪ پومپيو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي

پاڪستان جي دوري تي پهتل مائيڪ پومپيو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ خطي جي سيڪيورٽي سوڌو ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، مائيڪ پومپيو اڄ وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان به ملاقاتون ڪندو.

آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي جهاز نور خان ايئربيس تي لينڊنگ ڪئي، جتي پاڪستان جو ڪو به نمائندو نه پهتو. جڏهن ته آمريڪي پرڏيه وزير سان امريڪي فوج جو چيف آف اسٽاف جنرل جوزف به ساڻس گڏ آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پرڏيهي آفيس پهتو، جتي پرڏيهي وزير شاهه محمود سندس وفد جو استقبال ڪيو.

آمريڪي پرڏيهي وزير هم منصب شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملاقات دوران آمريڪي پرڏيهي وزير امريڪي فوج جو چيف آف اسٽاف جنرل جوزف ۽ وفد ۾ شامل ميمبرز موجود هئا.

ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ خطي جي سيڪيورٽي سوڌو ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون.

مائيڪ پومپيو ۽ جنرل جوزف سان گڏ 4 رڪني وفد پڻ آهي، ان کانسواءِ افعانستان لاءِ آمريڪا جي خاص صلاحڪار آمريڪي وفد سان گڏ آهي.

مائيڪ پومپيو اڄ وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان به ملاقاتون ڪندو،

واضح رهي ته پاڪستان روانگي کان اڳ مائيڪ پومپيو چيو هو ته، خواهش آهي ته افغانستان ۾ پاڪستان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري، پاڪستان سهڪار نه ڪيو ته اُهو ٿيندو، جنهن لاءِ جنرل نڪلسن ۽ جنرل مِلر ٻڌائي چڪا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*