سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

يوم دفاع جي شروعات فجر جي نماز بعد مختلف مسجدن ۾ ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿي.

گيريزن ڪمانڊر ميجر جنرل محمد عامر لاهور ۾ مزارِ اقبال تي حاضري ڀري گلن رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.

پاڪ فوج جي جست جٿي مزار اقبال تي سلامي ڏني، ميجر جنرل محمد عامر مهمانن جي ڪتاب تي پنهنجا تاثر به لکيا.

نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ به پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن دوران سامونڊي فوج جي سربراهه جو خاص پيغام پڙهي ٻڌايو ويو.

وائيس چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ڪليم شوڪت تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جنهن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.

لاهور جي فورٽريس گرائونڊ تي پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، گورنر چوڌري سرور ۽ ڪور ڪمانڊر شرڪت ڪئي.

 پاڪ فوج جي جوانن توپن جي سلامي سان گڏ فضا کي به قومي رنگ سان رڱي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*