يوم دفاع جي موقعي تي بلوچستان جَي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي

يوم دفاع جي موقعي تي بلوچستان جَي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، ڪوئيٽا جي ايئرفورس يوم دفاع جي سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي، سبي ۾ شهيدن جي قبرن تي گل رکي فاتح خواني ڪئي وئي.

ملڪ خاطر دشمن سان وڙهندي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جي شهيدن جي عظيم قرباني کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ سندن پوئينرن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي.

ڪوئيٽا جي پي ايف سمنگلي بيس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ بلوچستان وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڏي وزير ڄام ڪمال دفاعي هٿيارن جي نمائش جو معائنو ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾ شهيد جوانن جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڪانڪ ۾ شهيد سراج رئيساڻي جي قبر تي گارڊ اف آنر تقريب ٿي، آءِ جي ايف سي ميجر جنرل نديم انجم گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.

سبي ۾ اتر وزيرستان م دهشتگردن سان وڙهندي شهادت جو جام نوش ڪندڙ  ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي قبرن تي به گل رکي فاتح خواني ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*